مولوي عبدالحق

مولوي عبدالحق

عبدالحق مولوي

عبدالحق مولوي: مولوي عبدالحق ڀارت جي صوبي اتر پرديش جي ضلعي ميرٺ جي ننڍڙي ڳوٺ ‘سراون’ ۾ 1870ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه پهتو، جتي سر سيد سندس غير معمولي صلاحيتون ڏسي همت افزائي ڪري سندس وڏي رهنمائي ڪئي. 1894ع ۾ علي ڳڙهه مان گريجوئيشن ڪيائين. 1895ع ۾ حيدرآباد جي هڪ مدرسي ۾ استاد ٿيو، جتي ‘افسار’ نالي هڪ رسالو ڪڍڻ شروع ڪيائين. 1912ع ۾ ‘انجمن ترقي اردو’ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 25 سالن تائين اورنگ آباد ۾ تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي پرنسپال جي عهدي تان رٽائرمينٽ ڪيائين. ان وقت ڀارت ۾ گانڌي ۽ ٻين هندو اڳواڻن طرفان هنديءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پئي ويون. مولوي عبدالحق مسلمانن طرفان آواز اٿاريو ته اردو ٻولي رڳو مسلمانن جي نه پر هندن جي به آهي. هن ٻوليءَ ڀارت ۾ ئي جنم ورتو ۽ هن وقت مسلمان ۽ هندو وڌ ۾ وڌ اردو ٻولي ئي ڳالهائي رهيا آهن. ائين هندي ۽ اردوءَ جو تنازعو شروع ٿيو. اردوءَ جي حمايت جي ڪري کيس ‘باباءِ اردو’ جي لقب سان نوازيو ويو. هن سموري حياتي اردو ٻوليءَ جي واڌويجهه لاءِ وقف ڪري ڇڏي. عثمانيه يونيورسٽيءَ ۾ ‘اردو چيئر’ جو عهدو سنڀاليندي سوين پرڏيهي ٻولين جي فني ۽ ڪلاسيڪي ڪتابن جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪرايائين. سندس نگرانيءَ ۾ انجمن طرفان 1925ع ۾ سائنسي اصطلاحن جي لغت ‘Dictionary of Scientific Terms’ ڇپي. ان عرصي دؤران هڪ هفتيوار رسالو ‘اردو’ به سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿيندو هو. 1947ع ۾ پاڪستان هجرت ڪري آيو، ان وقت اردوءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏيارڻ سندس وڏو خواب هو، جيڪو مقامي ٻوليون ڳالهائيندڙن خاص ڪري بنگالي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ انگريزي ٻوليءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندڙ سول آفيسرن جي مخالفت ڪرڻ باوجود پورو ٿيو. اردو ادب ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي اردوءَ جي گرامر جو ڪتاب ‘قوائد اردو’، ‘تذڪراز’ ۽ ‘ديوان’ لکيائين. اردوءَ جي جديد نثر ۾ مولوي عبدالحق، حسن نظامي، ابوالڪلام آزاد، علامه نياز فتح پوري، عبدالمجيد درياآبادي، راشد احمد صديقي ۽ قاضي عبدالغفار جو هڪ نمونو هو. مولوي عبدالحق 16 آگسٽ 1961ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.08.16  عيسوي

مولوي عبدالحق ڀارت جي صوبي اتر پرديش جي ضلعي ميرٺ جي ننڍڙي ڳوٺ ‘سراون’ ۾ 1870ع ۾ ڄائو. 16 آگسٽ 1961ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو عبدالقادر
ستار بلوچ
عبدالحليم شرر
جمال رند
زيب ڀٽي
ڏيپلائي محمد علي
ارباب علي عادل چوهاڻ
رانٽو عبدالقادر
حشمت پارواڻي
پوپٽي هيراننداڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون